واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سي??يٽر محمد اورنگزيب سان ريٽرنگ ايجنسي فچ جي وفد ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان ??طاب?? هن پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽرننگ کي سي سي سي کان سي سي سي پلس تائين اپ گريڊ ڪرڻ تي اداري جي تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ محصول ۾ واڌ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري جي تيز تر پروگرام جي حوالي سان جاري قدمن کي اجاگر ??يو . هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت وٽ موجوده سال جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن.