واشنگٽن – 23 ج??لا??ِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ ملاقات بنهي مل??ن جي گڏيل لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وائيٽ هائوس ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيل ملاقات گڏيل لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات آهي. ان ملاقات ۾ آمريڪي صدر پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير تي ٽياڪڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. آمريڪي صدر آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري تي پاڪستان جي حڪومت کي واکاڻيو آهي.