واشنگٽن- 30 جنوري(اي پي پي) وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي واري ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته اردن حملي ??و جواب ڏينداسين پر ايران سان جنگ نٿا ڇيڙڻ چاهيون. العربيه اردو مطابق هن چيو ته صدر جوبائيڊن جي انتظاميه اردن ۾ ٿيل حملي ۾ 3 آمريڪي فوجي مارجڻ واري واقعي ??و جواب ڏيڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جوبائيڊن پهرين ??يو هو ته هو ان حملي جو مناسب وقت تي جواب ڏيندو. واضح رهي ته آچر ڏينهن اردن ۽ شام جي سرحد تي آمريڪي فوجي اڏي تي ٿيل ??ورن حملي ۾ 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا هئا.