اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن جيڪي هر مشڪل وقت ۾ آزمايل ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن انهن مان ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو به هڪ چئلينج آهي، عالمي لاڳاپن جو بنياد بالادستي بدران اصولن تي هجڻ گهرجي، پاڪستان چين جي مختلف شعبن ۾ ترقي جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻئي ملڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن، گوادر بندرگ??هه سان چين جي اولهندي علائقن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، سائبر سيڪيورٽي ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چي?? ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي هر موسم جي تزويراتي تعاون تي ٻڌل حصيداري تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي دوستي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ٻئي انهن لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي رهيا آهن جيڪي 50ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿيا هئا ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ زبردست ترقي ڪندا هئا. هن چي?? ته چين جو دنيا سان رابطو پاڪستان ذريعي قائم ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چي?? ته نئون عالمي نظام اڀري رهيو آهي. مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ چين جي سوچ هڪ جهڙي آهي. صدر زور ڏن?? ته ڪا به عالمي تبديلي بالادستي بدران اصولن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. آئرن برادرز جي وچ ۾ لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ جو ذڪر ڪندي صدر چي?? ته ٻئي ملڪ ون بيلٽ اينڊ ون روڊ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي قيادت تاريخي لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي رهي آهي. صدر چي?? ته اهي لاڳاپا عوام سان عوام جي رابطي تي ٻڌل آهن. صدر علوي چي?? ته ٻنهي ملڪن کي آزمائش جي گهڙين کي منهن ڏيڻو پيو. دنيا کي مختلف چئلينجز درپيش آهن ۽ ڀارت جي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي جهڙا مسئلا درپيش آهن. هن چي?? ته پاڪستان ۽ چين مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ پائيدار امن تي زور ڏئي رهيا آهن. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن جا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي ته ڪيئن ملڪ دوستاڻن ۽ اصولن ۽ گڏيل افهام تفهيم جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ بابت صدر چي?? ته اها تعاون جي منفرد شڪل آهي، سي پيڪ جا مڪمل ٿيندڙ منصوبا اٽڪل 28 بلين ڊالر جا هئا جڏهن ته وڌيڪ 24 بلين ڊالر جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چي?? ته منهنجي خيال ۾ سي پيڪ جا پاڪستان جي معيشت تي زبرسدست اثر پوندا. سي پيڪ جي خلاف ڀارت پاران شروع ڪيل پروپئگنڊه کي رد ڪندي هن چي?? ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وسيع تعاون جاري آهي. هن چي?? ته ان سيڙپڪاري تي تمام گهٽ مارڪ اپ استحصال بدران گڏيل تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو جهڙوڪ منصوبي جي مخالفت ڪندڙن پاران اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. صدر چي?? ته سي پيڪ تحت شروعاتي منصوبا توانائي تي ٻڌل هئا ڇ?? ته پاڪستان کي توانائي جي سخت کوٽ درپيش هئي، بعد ۾ ٻئي مرحلي ۾ خوراڪ، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي ۾ تعاون جا وڏا شعبا آهن. صدر ان ڳالهه کي ورجاي?? ته انهن گهڻ رخن منصوبن جي ذريعي پاڪستان ۾ ماڻهن کي روزگار جا وڌيڪ موقعا ملندا ۽ اهي غربت کان ٻاهر ايندا. هن چي?? ته صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائي غربت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو جنهن تي پاڪستان احساس پروگرام جهڙن مختلف قدمن ذريعي پورو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته چين ٻُڙي ڪوويڊ پاليسي اختيار ڪئي هئي پر پاڪستان ان کي بلڪل مختلف انداز ۾ سنڀاليو، پاڪستان ۾ حڪومت جزوي لاڪ ڊائون جي چو??ڊ ڪئي ڇ?? ته ان جي معيشت مڪمل لاڪ ڊائون جو بار برداشت نه ڪري سگهي ها. هن چي?? ته جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 6800 ڪوويڊ ڪيسز هئا. گوادر بندرگ??هه جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چي?? ته تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اها نار خطي جي ويجهو موجود سڀ کان وڏي بندرگ??هه ۽ اونهي سمنڊ جي هڪ وڏي بندرگ??هه آهي. صدر چي?? ته اها چين جي اولهندي علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي جيڪو ان جي لاءِ وڏو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چي?? ته گوادر بندرگ??هه ماهيگيري سميت ٻين رخن سان به اهم آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏن?? ته اهي چين کان گوادر ۽ گوادر کان چين تائين سامان جي چرپر کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪن. هن چي?? ته گوادر افعانستان ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جي لاءِ مختصر ترين رستو هوندو. هن چي?? ته جيترا وڌيڪ رابطا قائم ٿيندا ايتري ئي وڌيڪ ترقي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي دنيا تائين ٿيندي. هن ان اعتماد جو اظ??ار ڪي?? ته گوادر بندرگ??هه پوري خطي ۾ امن ۽ ترقي کي يق??ني بڻائيندي.