اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته بلوچستان جي ترقي موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آه??، حڪومت اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني آه?? جن سان بلوچستان جي عوام جي زندگين تي ??هتر اثر پئجي سگهن ٿا، صوبي ۾ انفراسٽرڪچر، زراعت، ماهيگيري، توانائي سميت مختلف شعبن جي ترقي ۽ احساس پروگرام تحت بنيادي ضرورت جي شين تي ??بسڊي تي ??رتيبوار ڪم تيز ٿي رهيو آه??، صنعت سازي ۽ پروسيسنگ پلانٽس جو قيام بلوچستان جي عام عوام جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم ثابت ٿيندو، مقامي ماهگيرن کي ٽرالرز جي غيرقانوني سرگرمين کان بچائڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ بلوچستان جي ترقياتي منصوبن تي ??ڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گورننس جي ڍانچي، سرڪاري منصوبن، ماهگيري جي شعبي، ڪمانڊ ايريا جي ترقي، زرعي شعبي ۽ نرسنگ ڪاليجز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ روڊ نيٽ ورڪ، توانائي جي شعبن جي منصوبن ۽ ميري ٽائيم افيئرز، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام سيڪٽر کانسواءِ گوادر جي ترقي ۽ صنعت ۽ پيداوار جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 161 منصوبن مان 59 منصوبا هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مانيٽرنگ ۽ گورننس کي بهتر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. ان کانسواءِ هڪ مستقل ڍانچو جوڙيو ويندو ته جيئن بلوچستان جي محروم علائقن جي پائيدار بنيادن تي ??رقي کي يقيني بڻائي سگهجي. رستن جي تعمير جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ بهتر ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ 3788 ڪلوميٽر رستن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪم تيزي سان جاري آه??. ان کانسواءِ ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن 796 ڪلوميٽر رستي ??ي تعمير جو مصنوبو پڻ عمل هيٺ آه?? ۽ ان تي ??مام جلد ڪم شروع ٿي ويندو. ماهگيري جي شعبي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرالرز جي ذريعي غيرقانوني شڪار جي حوالي سان مقامي ماهيگيرن جي خدشن کي ترجيحي بنيادن تي ??تم ڪيو پيو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران پيٽرولنگ کي وڌايو پيو وڃي، ان سان مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام ٿيندي ۽ ماهيگيري جو تحفظ پڻ ممڪن ٿيندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت ڪامياب جوان پروگرام جي حصيداري سان مقامي ماهگيرن کي قرض ڏئي رهي آه?? جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي صلاحيتن ۽ ٻيڙين کي بهتر بڻائي سگهندا ۽ ٻيڙين ۾ مانيٽرنگ سسٽم کي هڻڻ پڻ ممڪن ٿي سگهندو. ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي م زرعي شعبي جي ترقي ۽ پاڻي وسيلن جي بهتر مئنيجمينٽ جي لاءِ ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو ويو آه??. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڇي ڪينال منصوبو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آه??. ان کانسواءِ جانورن کي منه کڙ جي بيماري کان بچاءُ جي لاءِ منصوبي تي پڻ ڪم جاري آه?? ۽ ان سلسلي ۾ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن گوشت جي برآمد کي وڌائي سگهجي، ان سان نه رڳو قيمتي مٽاسٽا ناڻو حاصل ٿيندو پر روزگار جا موقعا پن پيدا ٿيندا. توانائي ۽ پيٽروليم جي منصوبن تي ??ڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 3 هزار سولر پينلز ورهائڻ جو عمل جلد شروع ٿي وندو. ان کانسواءِ ايل پي جي تي ??بسڊي جي تجويز پڻ غور هيٺ آه?? جنهن سان مقامي آبادي جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون. ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت اجلاس ۾ ايل اين جي ورچوئل پائيپ لائين جي درآمد تي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ لائيسنس ڏنا پيا وڃن جنهن سان صوبي خاص طور تي گوادر ۾ گئس جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. آءِ ٽي جي شعبي ۽ فاصلاتي ??عليم جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 6372 مقامي نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آه?? جنهن سان اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهندا. ان کانسواءِ 35 هزار نوجوانن کي فري لانسنگ ۽ ٻيا فني ڪورسز ڪرايا ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته تربت ايئرپورٽ جي ترقي جو منصوبو بڊنگ جي مرحلي ۾ آه?? ۽ تربت، گوادر ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ اڏامن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي تربت ۾ کجور جي پروسيسنگ پلانٽس، چاغي، خضدار، لسٻيلا ۽ گوادر جي علائقن ۾ گوشت جي پروسيسنگ پلانٽس ۽ ميٽل پارڪ تي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت خضدار ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان زيتون جي تيل جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آه??. ٻئي طرف گوادر ۾ ٻيڙين جي صنعت قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ غور هيـٺ آه??، ان منصوبي جو مقصد مقامي ماهيگيرن جي ٻيڙين کي جديد بڻائڻ آه??. اجلاس ۾ گوادر ۾ 1.2 ملين گيلن پاڻي جو پلانٽ قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، اهو منصوبو هلندڙ سال گرمين کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آه??. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي انهن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪن خاص طور تي ??هڙن منصوبن جن جو عام ماڻهو جي زندگي سان تعلق آه?? انهن کي ترجيح ڏني وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزي اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي کانسواءِ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، سي پيڪ معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور ۽ لاڳاپيل سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.