استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشر?? جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻٽر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي ادار?? جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيوا??ن جو خيال رکيو ويندو هو، هن چيو ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چيو ته هر اها قوم جيڪا رياست مدين?? جي نمون?? جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جن??ن جو بهترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خر?? ڪرڻ ۽ شموليتي ترق?? جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.