اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب معمول جمعي ج?? نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي ع??لدارن ۽ عملي جمع?? نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ ن??ي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ??ال??ه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معا??ري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.