اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراع??م ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير ڪاز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پرڏيهي دورن جي ڪاميابي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ب??بت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.