ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لا??ِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خ??ن، اعليٰ عسڪري قي??دت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لا??ِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لا??ِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪست??ن، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لا??ِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪست??ن، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لا??ِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قي??دت جو ٿورو ادا ڪيو.