اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وسيع قد??تي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا جي لاءِ ??امع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزا?? دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي وزيرن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ حقيقي گيم چ??نج?? ثابت ٿيندي. تڪميل ??ان??وءِ ??هو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪندي، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآمد وڌائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آبادي جي لاءِ ??هترين تعليم، صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ موجود وسيع قد??تي وسيلن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي تعمير لاءِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.