اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان آمر??ڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي، عالمي برادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي پرڏيهي نائب وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزار?? جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ آمر??ڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ س??ور?? افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چي?? ته موجوده ص??رت??ال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمر??ڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۽ آمر??ڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، آمريڪي پرڏيهي نائب وزير پاڪستان ۽ آمر??ڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين ص??رت??ال کي اجاگر ڪندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير آمر??ڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪيو.