اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ڪاروباري ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سرمائي جي منتقلي کي آسان بڻائيندي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن ۽ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي دوران درپيش مسئلن تي غور ڪيو ويو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ماهرن درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڏکيو طريقيڪار، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو عمل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته ??ئين پاڪستان کي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻايو وي?? آهي جنهن سان ايس اي سي پي ۾ ڪنهن ڪمپني ??ي رجسٽر ڪرڻ ۾ ??رف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ??جارتي ۽ ڪاروباري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته ??سٽيٽ بئنڪ ڪاروباري ادارن کي غير ملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهي?? آهي، اجلاس غير ملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ موجوده نوٽريائزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته ??ڪومت غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ پاڪستاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.