اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چي?? آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزي??اع??م آفيس پ??ران جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽيشن سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزي??اع??م پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزي??اع??م اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزي??اع??م 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنج??ب جي چيف سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزي??اع??م جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.