اس??ام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حليم عادل شيخ کي نشانو بڻائي ر??ي آهي، پيپلزپارٽي ان کان ڊنل آهي ته هو سدائين انهن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندو رهندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ ان??ظاميا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس ??ٺن?? ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب واضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يافته ماڻهو آهن.