اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سبي ۾ ايف سي جوانن تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پن??نجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي خاطر شهادت ماڻيندڙ قوم جا محسن آهن، ملڪ دشمن عنصر پن??نجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسزس سان گڏ بي??ل آهي، ان طرح جون بزدلاڻيون ڪاررواين سان امن امان جي ڪوششن کي سبوتاز ??ٿو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سيڪيورٽي فورسز امن امان جي بحالي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن.