اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اع??يٰ آفيسرن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جي??، ڊي آءِ جي?? ۽ ڊي ??ي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سمورن اع??يٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اع??يٰ آفيسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن جي اع??يٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??. س??يا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.