اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت معاشي ميدان سميت هر شعبي ۾ ڪاميابي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري رهي آهي، عمران خان جي حڪومت پنهنجو پنج سالن جو مدو مڪمل ڪندي ۽ مخالف ڌر کي انهي پگهار تي تيستائين ڪم ڪرڻو پوندو، پي ڊي ايم ماضي جو حصو بڻجي چڪي آهي، صح??فين جي زندگين ۽ صح?? جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر کي گهرجي ته ان بل کي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عمران خان جي ترجيح عام ماڻهو جي ڀلائي آهي، گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ نئون پاڪستان اسڪيم، غربت جي هيٺن ??طح تي زندگي گذاريندڙن ل??ءِ ڪيش ايمرجنسي پروگرام، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪالرشپ ۽ ٻيا پروگرام عام عوام لاءِ آهن. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪري رهيو هو.