اسلام آباد – 09 ما??چ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??ارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته ??ُٽ ما?? جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا ??ين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته ??حمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته ??اڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل ال??حم??ن پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.