اسلام آباد – 23 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وزيراعظم کي سسٽين ايبل ??ائوس هولڊ بابت منصوبي کا?? آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پو??يو?? ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کا?? گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل ??ونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.