اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصو??ي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصو??ي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي شموليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذ??يداري آهي، خصو??ي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصو??ي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصو??ي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ?? صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصو??ي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي شموليت سا?? گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.