اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي قومي ايشو کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، مخالف ڌر جلس?? جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر وارا ته مڪمل لاڪ ڊائو?? جي وڪالت ڪري رهيا هئا، اڄ يوٽرن نه وٺن، ذاتي مفاد ??دران عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت ۽ صحت کي خدارا ترجيح ڏني وڃي.