اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪ??ي ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مر??ضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مر??ض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مر??ض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 32 هزار 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ 19 جا 98 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متا??ر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هزار 186 آهي.