اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم بين الپارلياماني يونين جي صدر گبريلا ڪويس بيرن جي اعزاز ۾ گذريل ڏينهن آجياڻو ڏنو، ان موقعي تي خيالن جو ??ظهار ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته آءِ پي يو هڪ اهم فورم آهي، آءِ پي يو جي جمهوريت، انساني حقن جي سربلن??ي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ ڪوششون لائق تحسين آهن، هن چيو ته 130 سال مڪمل ڪرڻ تي آءِ پي يو جي قيادت ۽ ميمبر ملڪن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان آءِ پي يو سان تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جو ??واهشمند آهي، هن چيو ته اسان جا مسئلا گڏيل آهن ۽ حل به گڏجي ڳولڻو آهي.