اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ جي وزيراعظم عمران خان جي پاليسي بيان جي آجيان ڪندي چيو آ??ي ته اسان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جا حامي آهيون، ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪليو نه ڇڏينداسين، ڀارت هر معاهدي ?? عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت جي موجوده هندو توا فاشٽ پاليسي قائم نه رهندي پر ڪشمير جلد آزاد ٿي??دو، سعودي عرب سان لاڳاپا مستحڪم آهن ۽ رهندا، سول ۽ عسڪري قيادت، سمورا ادارا ۽ ميڊيا هڪ پيج تي آهن، اسان سڀ قانوني، معاشي ۽ معاشرتي انصاف چاهيون ٿا، اسان ڪرپشن تي ٺاهه ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته ترقي جي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجي، مشڪل حالتن جي باوجود معيشت ڪاميابي طرف گامزن آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستان جي معاشي درجا بندي کي بهتر بڻايو آ??ي، ديامر ڀاشا ڊيم جي تڪميل سان ملڪي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿي??ديون، ايم ايل ون منصوبي سان تيز ترين سفري سهولتون ميسر اينديون، تعليم جي فروغ، صحت ڪارڊ ۽ هڪجهڙي قومي نصاب جي تياري حڪومت جا اهم قدم آهن، آبادي ?? تيزي سان اضافي جي ڪري قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آ??ي، اسلام جي اصولن موجب عورتن جي حق وراثت جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ گهرجي، وفاق?? ۽ ??وبائي حڪومت جي تعاون سان ڪراچي جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ?? ٻين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آ??دو آ??ي، ڪورونا صورتحال دوران ڪمزور طبقن لاءِ رليف پڪيج قابل ستائش قدم آهي. خميس ڏينهن ٽئين پارلياماني سال جي آغاز تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻي پارلياماني سال جي تڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مون کي اڄ ٽيون ڀيرو ان عظيم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آ???? ۽ ??ئون ان تي الله تعاليٰ جو ٿورائتو آ??يان. صدر چيو ته قومن جي زندگي ۾ ڪجهه لمحا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي اثرن سان تاريخ جي ڌارا موڙي ڇڏيندا آهن، پاڪستان به اهڙي ئي هڪ موڙ تي آهي، اهو بهترين موقعو آ??ي ته ويجهي ماضي جي واقعن تي هڪ نظر وجهندي گذريل هڪ سال جو تجزيو ڪريون ۽ ڏسون ته ڇا سکيو، ڇا ڪيو؟ سٺو يا خراب ڪيو ۽ ڇا ڪرڻو آ??ي؟ ۽ مستقبل جي رستن جو تعين ڪريون. هن چيو ته ٽي شيون دهشتگردي جو مقابلو، افغان پناهگيرن ۽ پنهنجي اندر انتهاپسندي جو مقابلو اهڙيون آهن جنهن جي تفصيلن کان توهان سڀ وا??ف آهيو ۽ انهن چئلينجز تي پوري قوم ڪاميابي سان ضابطو آ??دو آ??ي. پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته اسان کي انسانيت جو سبق ڏيندڙ ملڪ پرڏيهين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عوام قومي بڻجي سامهون آئي، قوم، پاڪستاني فوج ۽ سياستدانن کي انهن ڪاميابين تي مبارڪباد ڏيان ٿو.