اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي انتهائي خ??شي ٿي آهي، اهو اسان جي ت??ري?? جو هڪ وڏو منصوبو آهي جيڪو اسان شروع ڪيو آهي. سماجي را??طن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان منصوبي سان لاهور کي بنا منصوبابندي سان شهري آبادي جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهبو، زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ اضافي ۽ راوي کي سي??ريج نالو بڻجڻ کان روڪي سگهبو. هن چيو ته راوي سٽي منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ذريعي پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو به ملندو. ان سان 40 صنعت ۾ لکين ماڻهن کي نوڪريون ملنديون.