اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڪشمير تي پوري قوم متحد آهي، ڪشمير جي معاملي تي سفارتي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪنداسين، اسا?? جي ايندڙ منزل سري نگر آهي، جيڪا هاڻي گهڻو پري نه آهي، ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائينداسين، صبح 10 وڳي سڄي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، لاڪ ڊائون کانپوءِ دنيا کي احساس ڪرڻو پوندو ته هڪ سال کان قيد والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ڪهڙي حالت ٿي رهي آهي، وڏي جمهوريت جو ڀارتي حليو بي جي پي بگاڙي ڇڏيو آهي، ڀارت اڄ عالمي سطح تي اڪيلو ۽ شائننگ انڊيا هاڻي برننگ انڊيا ۾ تبديل ٿي چ??و آهي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خاص معاون معيد يوسف سان گڏ ڪشمير جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀار?? والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻندي علائقي کي ??ن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڪشميري عوام ڪڏهن به قبول نه ڪيو. ڀارتي قدم جو مقصد ڪشميري?? جي ورڇ ڪرڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع ڪشميري?? جي جدوجهد ۾ نئين اضافي جو ڏينهن آهي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جو رت به شامل آهي، اسان کي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي، والاريل ڪشمير جي عوام گذريل هڪ سال کان هر قسم جي پابندين سان انتهائي مشڪل زندگي گذاري رهي آهي. والاريل واديءَ گذريل هڪ سال کان فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ کي ??ڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير ان عزم کي ??رجايو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين سان گڏ جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته قوم ۾ شعور اجاگر ڪرڻو آهي ته قائداعظم ڪشمير کي ڇو پاڪستا?? جي شهه رڳ سمجهندو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير تڪرار کي ??ئين زندگي ڏني آهي.