اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هف??يوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? ايسوسيئيشن آف بلڊر?? اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊر?? اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ۾ حڪومت پاران تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊر?? اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اي او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.