اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ ر??ڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪي?? پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لا?? ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ ر??ڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحاف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لا?? ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لا?? ڊائون ڪيو آهي.