اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي وڏا ڪاروباري موقعا ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ??ين??ي ئي نوجوانن کي ڪاروباري ميدان ۾ اڳتي آندو وڃي، نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن انهن تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين، ملڪي معيشت کي سنڀالڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار به اهم هوندو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ خاص معاون عثمان ڊار سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي وڏا ڪاروباري موقعا ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڏني وين??ڙ رقم وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.