اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مودي جو انتهاپسند ۽ تعصباڻو نظريو عمران خان جي امن جي سوچ کان شڪست کائي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪڌ?? ڀارتي ڪوشش تي ڪاري ضرب آهي، مودي اسلحي جا انبار ۽ بارود جا ڍير خريد ڪري به عمران خان جي ڪامياب سفارتڪاري جي سامهون بي وس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ض??ير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو اهو بيان ثبوت آهي ته ڪش??ير هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي، خون ناحق تي پوري دنيا جو آواز ??لن?? ڪرڻ خوش آئنده آهي.