مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آز??دي ج?? رستو نڪرندو، ڪشمير جي آز??دي ج?? تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي ج??ڙينداسين جنهن کانپوءِ اڳتي ج?? مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ج?? 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آز??د ڪشمير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪر?? سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي ج??ڪڏهن پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئن کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتوا جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳا??هه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آز??د ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي ج?? اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.