اسلام آ??اد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ سياسي فائدن جي ل??ءِ ميٽرو بس جهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن ٿا، ڪرپشن جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تان هٽي ويو آهي، ر??ڪو??ڪ جي ٻن خانن جو منافعو 100 ار?? رپيا بڻجي ٿو، جڏهن حڪومت سنڀالي ته سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هو جيڪو 19 ار?? ڊالر هو پر هاڻي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿي ويو آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسين ۾ تسلسل سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، پاڪستان ۾ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي جي صلاحيت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار ڪندڙن ۾ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي ريفنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.