اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عم?? شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عم?? شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ج?? مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف ر??ا گيلاني پڻ عم?? شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ ک??ن مرحوم ج?? مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.