اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار ميڊيا تي يقين رکي ٿي، پي ايم ڊي اي تحت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻجندو، اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز وٽ پنهنجي ايشوز جي حل لاءِ ڪو به پليٽ فارم نه هو، پاڪست??ن ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي هاڻي مشاورت جو ??مل جاري آهي، ان تي (ن) ليگ جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، پي ايم ڊي اي تي تنقيد ڪن??ڙ مريم اورنگزيب پاڻ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد ??مل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي، ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ڇت هيٺ متحد ڪري آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ترقي يافته ملڪ ميڊيا جي ارتقائي ??مل ۽ درپيش چئلينجز مان جهڙي طرح سرخرو ٿيا ا??ڙن طريقن مان رهنمائي حاصل ڪن??ي پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ته رات جي پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين مشاورت جي روايت وڌي آهي، (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ميڊيا سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ميڊيا ۽ عوام سڀ ڄاڻي ٿي، هن چيو ته آزاد صحافت تي ڪا به پابندي نه لڳائي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو پي ايم ڊي اي جي مرضي موجب تشريح ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي تي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پريس ڪلبز، ميڊيا تنظيمن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين س??ن مشاورت جو ??مل جاري آهي. هن چيو ته اسٽيڪ هولڊرز پار??ن ميڊيا ڊولپمينٽ، ڊجيٽل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جي تحفظ جي قدمن تي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي وئي، اسان آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي، ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ايم ڊي اي بل جا نقطا نه پڙهيا آهن نه ڏٺا آهن ان جي باوجود پي ايم ڊي اي کي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جي ور چاڙهي رهي آهي، هن چيو ته ميڊيا بابت ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ پاڪست??ن ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون.