اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام ل??ءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه افغان اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه ل??ءِ جاري ڳا??هين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ??ه ڪابل ۾ جاري ڳا??هين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر سڄي خطي ل??ءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ??ه ضرورت ان ڳا??هه جي آهي ته افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ??ه ??ها افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ل??ءِ افغانين کي معاشي معاونت جي فراهم ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ??ه مسلم امت تي به ??ها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ل??ءِ افغانستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ??ه اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي ل??ءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ??ي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.