اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بني??دي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائ??ال??ن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خاص طور تي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ??مڪ?? قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتص??دي ترقي جي لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ص??ر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي جي لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.