اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائره ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ جي ??اءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي ??سودي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي ??سودي، تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي ??سودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع، سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڏيڻ ۽ ورڇ ڪرڻ جي طريقيڪار سميت مختلف مقررين جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان جي حڪومت سينيٽ جي شفاف چونڊن جي ??اءِ سنجيده ڪوشش ڪئي جڏهن ته اليڪشن انه?? ڏينهن غيرتڪراري ٿيندي جڏهن اوپن بيلٽ سان اليڪشن ٿيندي، اسان اونداهي قوتن کي شڪست ڏيڻ جي ??اءِ پورو زور لڳائينداسين، صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن کٽيندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا کي اسلام آباد ميٽرو بس پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي، ميٽرو بس منصوبي ۾ دير جي ??عاملن جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي ??سودي جي اصولي طور تي منظور?? ڏيندي مسودو ڪابينا جي ??انونسازي بابت ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي ??نظوري ڏني. ان تجويز ڪيل قانون تحت اڪيڊمي آف ايجوڪيشن پلاننگ اينڊ مئنيجمينٽ ۽ نيشنل ايجوڪيشن اسيسمنٽ سسٽم جو انضمام ڪري هڪ جديد ادارو قائم ڪيو ويندو جيڪو تعليمي ادارن جي ڊيٽابيس ۽ تعليمي ادارن جي ??عاملن کي منظم ڪرڻ ۾ ذميواريون ادا ڪندو. ان سان گڏوگڏ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان ڪابينا آئوٽ آف اسڪول چلڊرن فريم ورڪ جي ??ڻ منظوري ڏني. ان فريم ورڪ تحت انهي سموري عمل ۽ محرڪات جو جائزو ورتو پيو وڃي جنهن جي ڪري ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن. ان فريم ورڪ ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ جي ??اءِ حڪمت عملي پڻ تجويز ڪئي وئي آهي. ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي ??سودي جي ??نظور?? ڏيندي ان کي پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. ان بل جو مقصد اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائري ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ آهي. ڪابينا پاڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏنل عطيي جي ??رڇ جي طريقيڪار جي ??نظوري ڏني. واضح رهي ته ڪابينا پاڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڪرڻ جي ??نظوري ڏني هئي. فنڊ قائم ڪرڻ وقت اهو طئي ٿيو هو ته ان فنڊ جي ??رڇ سارڪ سيڪريٽريٽ جي توسط سان ڪئي ويندي جڏهن ته بعد ۾ سارڪ ميمبر ملڪن پاران اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر ميمبر پاران فراهم ڪيل عطيي جي ??طرفي بنيادن تي ورڇ ڪئي ويندي. تنهن ڪري ڪابينا پاڪستان پاران سارڪ فنڊ ۾ ڏني ويندڙ عطيي جي ??ئين طريقيڪار موجب ورڇ جي ??ئين طريقيڪار جي ??نظوري ڏني. ڪابينا نيپرا ٽربيونل ۾ فنانس ميمبر جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران سفارش ڪيل اميدوارن جي اهليت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکندي پيش ڪئي ويندڙ تجويز سان اتفاق نه ڪيو. ڪابينا فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ آرڊيننس تحت شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي بورڊ آف گورنرز جي ??يمبرن جي ??قرري جي ??نظوري ڏني. ڪابينا اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز لائيسنسز جي حوالي سان 41 نوان لائيسنسز جاري ڪرڻ، 7 کي ملتوي ڪرڻ، 5 جي تبادلي ۽ دائري جي ??ڪ ڪيس جي ??نظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ پاران هيستائين 11 لک ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي. ڪابينا اعزاز احمد کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. ”ڪورونا کان ڊڄڻو نه آهي“ جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري پاران داخل ڪيل هڪ رٽ پٽيشن جي حوالي سان ڪابينا ان راءِ جو اظهار ڪيو ته جيئن ته ان حوالي سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ??اضح راءِ ملي چڪي آهي، ڪورونا وائرس جي صورت ۾ الله تعاليٰ پاران تنبيهه ٿيل آهي جيڪا الله سان رجوع ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي تنهن ڪري ڪورونا جي حوالي سان اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ”ڪورونا وبا آهي، احتياط جنهن جي شفاف آهي“. ڪابينا فوزيه خان کي پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل (فنانس) مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته براڊ شيٽ ايوارڊ ڪميشن آف انڪوائري جي چيئرمين جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد بطور چيئرمين ڪنهن قسم جو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا سندس فيصلي کي ساراهيو. ڪابينا سي پيڪ بابت ڪميٽي جي 3 فيبروري 2021ع ۽ 22 فيبروري 2021ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 11 فيبروري 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 19 فيبروري 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??ڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا تجويز ڪيل اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي ??سودي جي ??نظوري ڏني. ڪابينا طارق رشيد کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. ڪابينا تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي ??سودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي ??نظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ روس جي ??چ ۾ نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي سان معاهدي ۾ ترميم جي ??روٽوڪول جي ??نظوري ڏني. ڪابينا صحت جي ??ومي اداري جي بورڊ آف گورنرز جي ??قرري جي ??نظوري ڏني. ڪابينا ڊريپ کي ڪوويڊ 19 ويڪسين جي ريٽيل پرائس مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. اها قيمت قانون موجب طئي ٿيل فارمولي موجب مقرر ڪئي ويندي. ڪابينا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ اختر حسين کي هٽائڻ جي ??نظوري ڏني. ڪابينا عاصم رئوف کي ڊريپ قانون موجب عارضي طور تي سي اي او ڊريپ مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اداراجاتي سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، سرڪاري ادارن جي ??انونن، رولز، ادارن ۾ ري اسٽرڪچرنگ تي ڊاڪٽر عشرت حسين بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته خساري ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن کي بهتر ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت شفاف چونڊن جي ??اءِ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي، سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ سسٽم جي ??اءِ هر آپشن استعمال ڪيو، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ??چ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت ۾ پڻ اهو لکيل آهي ته سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي، هاڻي قوم کي خبر پئجي ??ئي آهي ته ڪير تاريخ جي ساڄي ۽ ڪير کاٻي پاسي بيٺل آهي.