ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت بليو ا??انومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽا??يم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو ا??نامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو ا??انومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو ا??انومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو ا??انومي جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.