ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪر?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??يوزيم ۾ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪر?? گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گهر جي صورتحال ۽ مستقبل جي اپ گريڊيشن بابت بريفن?? ڏني وئي. صدر قومي عجائب گهر کي اپ گريڊ ڪر?? ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ??اڪستان جي شاندار تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته 1950ع ۾ قومي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ميوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي.