اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي وا??ي وفاقي وزير عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي وا??ي وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم باب?? معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آف??س موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي فيصلي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، وزيراعظم ڪاروباري طبقي پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.