GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

صدر پاران پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪيا وڃن، پوسٽ ماسٽر جنرل پنجاب لاهور پاران تاريخ پيدائش ۾ غلطي جي ڪري اڳوڻي ملازم جي پينشن جي مراعتن مان غلط طريقي سان رقم ڪاٽي وئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملازم مجاز اٿارٽي جي حڪم تي رٽائرمينٽ کانپوءِ وڌيڪ چار سال پنهنجي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان مدي جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ جو پڪو يقين رکندو هو. هن وڌيڪ چيو ته ملازم کي پينشن جي فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ ان جي فرضن جي سرانجام ڏيڻ ۾ ادا ڪيل پگهار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني ۽ بدانتظامي آهي. صدر اهي ريمارڪس محمد يوسف (شڪايت ڪندڙ) پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي قبول ڪندي ڏنا. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيو ته پاڪستان پوسٽ ان جي پينشنري فائدن مان رقم ڪاٽي ورتي آهي. شڪايت ڪندڙ الزام هنيو هو ته هن ايجنسي ۾ 38 سال خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هو 2016ع م رٽائرڊ ٿيو پر ان جي کاتي ان جي تاريخ پيدائش غلط داخل ڪئي جنهن جي ڪري ان جي رٽائرمينٽ جو سال 2012ع ۾ تبديل ڪيو ويو جنهن جي ڪري 1.35 ملين رپين جي رقم ان جي پينشنري مراعتن مان چار سال جي پگهار جي بدلي بنا جواز ڪاٽي وئي. بعد ۾ ان حوالي سان وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ويو جنهن پاڪستان پوسٽ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر آڏو ان معاملي کي اٿاريندي اپيل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شڪايت ڪندڙ جي درخواست کي قبول ڪندي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ کي تاريخ 04.06.2015 جي خط جي ذريعي شڪايت ڪندڙ کي آگاهه ڪيو ته ان جي رٽائرمينٽ 05.05.2016 کان لاڳو هوندي ۽ شڪايت ڪندڙ ايجنسي جي ڄاڻايل حڪم جي بنياد تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. هن چيو ته جيتوڻيڪ فيڊرل سروس ٽربيونل ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ذريعي ملازم جي رٽائرمينٽ جي صحيح تاريخ جو معاملو طئي ٿي ويو هو تنهن هوندي به ڪنهن ڪارڪن کي ان جي خدمتن جي عيوض پگهار کان محروم ڪرڻ جو معاملو اڃا تائين حل طلب آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ نشاندهي ڪئي ته شڪايت ڪندڙ کي حڪم موجب ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ پگهار ادا ڪئي وئي هئي ۽ ڄاڻايل مدي جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ ان جو حقيقي يقين هو. ٻين لفظن ۾ هو غلطي تي نه هو ڇو ته هن مجاز اٿارٽي جي حڪم تي عمل ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي انجنيئر ان چيف برانچ ۾ دفاع واري وزارت وغيره بمقابلا جلال الدين (PLD 1992 SC 207) ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به حوالو ڏنو، جنهن ۾ مدعي جلال الدين کي غيرقانوني طور تي اعليٰ عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي ۽ ان وقت تائين پگهار ادا ڪئي وئي جيستائين جو پروموشن غيرقانوني ثابت ٿي وئي ۽ پروموشن آرڊر رد ڪيا ويا. اداري ان جي اعليٰ عهدي تي فائز رهڻ دوران ادا ڪيل پگهارن جي وصولي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي هئي. هن فيڊرل سروس ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. اپيل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران اهو قرار ڏنو ويو هو ته جيتوڻيڪ اٿارٽي مجاز آهي ته غيرقانوني حڪم واپس وٺي، جواب ڏيندڙ پگهار جي مدر رقم حاصل ڪئي هئي ڇو ته هن فرض سرانجام ڏنا هئا جڏهن ته ادارو ان مدي دوران ورتل رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ”جيستائين بحث هيٺ رقم جي وصولي جو تعلق آهي، لوڪس پوئينٽينشيا (Locus Poenitentiae) جو اصول لاڳو ٿيندو ۽ اپيل ڪندڙ رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وفاقي محتسب غلطي سان ايجنسي کي شڪايت ڪندڙ کان وڌيڪ ادا ڪيل رقم جي وصولي جو جواز فراهم ڪيو هو ۽ هو لوڪس پوئنيٽينشيا جي اصول جي تعريف ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن جي ڪري اداري کي وصول ڪيل رقم جي وصولي کان روڪيو ويو هو. صدر چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺاسان کي مزدور جو پگهر سُڪڻ کان اڳ اجرت ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪو قانون محنت جي وقار جي ان جذبي کي زير نه ٿو ڪري سگهي. شڪايت ڪندڙ کي پينشنري فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ پاڪستان پوسٽ پاران ڊيوٽي جي ادائيگي ۾ ادا ڪيل پگهار جي ڪٽوتي غيرقانوني آهي. هن نتيجو اخذ ڪيو ۽ پاڪستان پوسٽ کي هدايت ڪئي ته وصول ٿيل رقم شڪايت ڪندڙ کي ادا ڪري.

مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد