GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي

image

اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پاڪستان اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب اين اي 199 گهوٽڪي مان پ پ جو اميدوار علي گوهر خان مهر هڪ لک 54832 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن جي جاري غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 4 لک 55376 هو جڏهن ته هتي 2 لک 13658 ووٽ وڌا ويا. تڪ ۾ ووٽن جي شرح 46.92 سيڪڙو رهي. هتان جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميدوار عبدالقيوم 40204 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته اين اي مٽياري تان پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مخدوم جميل الزمان هڪ لک 24 هزار 536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم (ن) جو اميدوار بشير احمد 80 هزار 439 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ وڌل ووٽن جي شرح 53.83 سيڪڙو رهي. جڏهن ته اين اي 225 ٺٽو تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار صادق علي ميمڻ هڪ لک 40 هزار 773 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رسول بخش جاکرو 28 هزار 889 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 37.33 سيڪڙو رهي. اين اي 195 لاڙڪاڻو 2 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار نذير احمد ٻگهيو هڪ لک 33 هزار 830 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 4 لک 27 هزار 621 هيو، جڏهن ته هڪ لک 96 هزار 358 ووٽ وڌا ويا . گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جو اميدوار صفدر علي عباسي 48893 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 45.92 سيڪڙو رهي. اين اي 236 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار حسان صابر کي 38871 ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان /رٽرننگ آفيسر پاران جاري ڪيل غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پي پي پي پارليامينٽيرين جي اميدوار محمد مزمل قريشي32231 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته تڪ تي پيل ووٽن جي شرح 24.93 سيڪڙو رهي. اين اي 231 تي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ کي 43634 ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار خالد محمود علي 43245 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته هن تڪ تي ووٽن جي شرح 38.71 سيڪڙو رهي. اين اي 228 دادو-2 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار رفيق احمد جمالي 98451 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان/رٽرننگ آفيسر طرفان جاري غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار ڪريم علي جتوئي 49103 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 39.37 سيڪڙو رهي. اين اي 232 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار آسيه اسحاق صديقي کي 88260 ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار عديل احمد 66574 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته هن تڪ تي پوندڙ ووٽن جو تناسب 43.60سيڪڙو رهيو. اين اي 230 ملير 2 تي پي پي پارليامينٽيرين جي اميدوار سيد رفيع الله کي 32099 ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار سرور علي 23370 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته هن تڪ تي پوندڙ ووٽن جي شرح 40.88 سيڪڙو رهي. اين اي 229 ملير هڪ تي پي پي پارليامينٽيرين جي اميدوار ڄام عبدالڪريم بجار کي 55732 ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي اميدوار قادر بخش 21841 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته هن تڪ تي پوندڙ ووٽن جي شرح 45.62 سيڪڙو رهي. اين اي 233 ڪورنگي ڪراچي2 تي متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اميدوار محمد جاويد حنيف خان کي 103967ووٽ کڻڻ تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار محمد حارث 58753 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته هن تڪ تي پيل ووٽن جي شرح 46.82 سيڪڙو رهي. اين اي 10 بونير مان آزاد اميدوار گوهر علي خان هڪ لک 10023 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان/رٽرننگ آفيسر طرفان جاري غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق اي اين پي جي اميدوار عبدالرئوف 30302 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 37.3 سيڪڙو رهي. اين اي 123 لاهور-7 تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار ميان محمد شهباز شريف 63953 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار افضال عظيم پاهٽ 48486 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. تڪ ۾ وڌل ووٽن جي شرح 47.08 رهي. اين اي 30 پشاور-3 تان آزاد اميدوار شاندانه گلزار 78971 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 4 لک 4622 هو جڏهن ته هڪ لک 31994 ووٽ وڌا ويا. ووٽن جي شرح 33.8 سيڪڙو رهي. هتان عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار زين عمر ارباب 11854 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 17 ايبٽ آباد-2 تان آزاد اميدوار علي خان جدون 97177 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 لک 98195 هو، جڏهن ته هتي هڪ لک 72663 ووٽ وڌا ويا. ووٽرن جي شرح 44.37 سيڪڙو رهي. هتان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار محبت خان 44522 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 55 راولپنڊي-4 تان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار ابرار احمد 78542 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 4 لک 31832 هو، جڏهن ته هتي 72680 ووٽ وڌا ويا. ووٽن جي شرح 39.99 سيڪڙو رهي. هتان آزاد اميدوار محمد بشارت راجا 67101 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 58 چڪوال-1 تان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار طاهر اقبال هڪ لک 15974 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 5 لک 94009 هو، جڏهن ته هتي 3 لک 68568 ووٽ وڌا ويا. ووٽن جي شرح 62.05 سيڪڙو رهي. هتان آزاد اميدوار اياز امير هڪ لک 2537 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 3 سوات-2 تان آزاد اميدوار سليم رحمان 81411 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 4 لک 62681 هو، جڏهن ته هتي هڪ لک 67028 ووٽ وڌا ويا. ووٽن جي شرح 36.01 سيڪڙو رهي. هتان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار واجد علي خان 27861 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 3 سوات 2 تان آزاد اميدوار سليم رحمن 81 هزار 411 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو اميدوار واجد علي خان 27 هزار 861 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 36.01 سيڪڙو رهي. اين اي 121 لاهور تان وسيم قادر 78 هزار 703 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو. غير حتمي سرڪاري نتيجن مطابق ان تڪ ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 4 لک 67 هزار هو. جڏهن ته هڪ لک 87 هزار 167 ووٽ پيا. هتي ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 40.08 سيڪڙو رهي. مسلم ليگ (ن) جو اميدوار شيخ روحيل اصغر 70 هزار 587 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي -46 اسلام آباد-1 تان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار انجم عقيل خان 81 هزار 958 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار عامر مسعود 44 هزار 317 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 43 سيڪڙو رهي. اين اي-22 مردان 2 تان آزاد اميدوار محمد عاطف 1 لک 748 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار حيدر اعظم خان 66 هزار 159 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 39.25 سيڪڙو رهي. اين اي -25 چارسده – هڪ تان اميدوار انور تاج 89 هزار 801 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علما اسلام پاڪستان جو اميدوار گوهر علي 48 هزار 545 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 39.38 سيڪڙو رهي. اين اي-23 مردان-3 تان آزاد اميدوار محمد علي هڪ لک 2 هزار 175 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار احمد خان 33 هزار 910 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 44.33 سيڪڙو رهي. اين اي 25 چارسده 2 تان آزاد اميدوار فضل محمد خان هڪ لک 713 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. ڪيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي مطابق عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار ايم ولي خان 67 هزار 876 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 39.82 سيڪڙو رهي. اين اي 88 نوشهره 04 تان آزاد اميدوار ميان محمد عمر 38384ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان جي اميدوار احد خٽڪ 12071 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 42.69 سيڪڙو رهي. اين اي 44 ڊي آءِ خان -1 تان آزاد اميدوار علي امين خان 93 هزار 443 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءَ اسلام پاڪستان جو اميدوار فضل الرحمان 59 هزار 922 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 55.51 سيڪڙو رهي. اين اي 48 اسلام آباد ٿري تان آزاد اميدوار خرم شهزاد نواز 69 هزار 699 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار سيد محمد علي بخاري 59 هزار 851 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 61.10 سيڪڙو رهي. اين اي 60 جهلم-1 مان (ن) ليگ جو اميدوار بلال اظهر ڪياني 99948 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار احسن عديل 90747 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 44.08 سيڪڙو رهي. اين اي 76 نارووال-2 مان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار احسن اقبال هڪ لک 36279 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير حتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار جاويد صفدر ڪاهلون هڪ لک 9309 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 50.27 سيڪڙو رهي. اين اي 56 راولپنڊي-5 مان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار حنيف عباسي 96649 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار شهريار رياض 82613 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 41.84 سيڪڙو رهي. اين اي 11 شانگله مان (ن) ليگ جو اميدوار امير مقام 59863 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار سيد فرين 54311 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 32.61 سيڪڙو رهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں